# sd/amroti.xml.gz
# ur/ahmedali.xml.gz
(src)="s1.1"> الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان ( شروع )
(trg)="s1.1"> شروع الله کا نام لے کر جو بڑا مہربان نہایت رحم والا ہے
(src)="s1.2"> سڀ ساراھ ( خاص ) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي .
(trg)="s1.2"> سب تعریفیں الله کے لیے ہیں جو سب جہانوں کا پالنے والا ہے
(src)="s1.3"> ( جو ) ٻاجھارو مھربان .
(trg)="s1.3"> بڑا مہربان نہایت رحم والا
(src)="s1.4"> قيامت جي ڏينھن جو مالڪ ( آھي ) .
(trg)="s1.4"> جزا کے دن کا مالک
(src)="s1.5"> تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا .
(trg)="s1.5"> ہم تیری ہی عبادت کرتے ہیں اور تجھ ہی سے مدد مانگتے ہیں
(src)="s1.6"> اسان کي سڌي واٽ ڏيکار .
(trg)="s1.6"> ہمیں سیدھا راستہ دکھا
(src)="s1.7"> جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي ، نه انھن جي ( واٽ ) جن تي ( تنھنجو ) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي ( واٽ ) .
(trg)="s1.7"> ان لوگوں کا راستہ جن پر تو نے انعام کیا نہ جن پر تیرا غضب نازل ہوا اور نہ وہ گمراہ ہوئے
(src)="s2.1"> الٓمٓ
(trg)="s2.1"> المۤ
(src)="s2.2"> ھيءُ ڪتاب ، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي ، اُنھن خدا ترسن کي سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ،
(trg)="s2.2"> یہ وہ کتاب ہے جس میں کوئی بھی شک نہیں پرہیز گارو ں کے لیے ہدایت ہے
(src)="s2.3"> جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان خرچيندا آھن .
(trg)="s2.3"> جو بن دیکھے ایمان لاتے ہیں اور نماز قائم کرتے ہیں ا ور جو کچھ ہم نے انہیں دیا ہے اس میں خرچ کرتے ہیں
(src)="s2.4"> ۽ اُھي ( اي پيغمبر ) جيڪو ( قرآن ) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ ( ٻـين پيغمبرن تي ) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن .
(trg)="s2.4"> اور جو ایمان لاتے ہیں اس پر جو اتارا گیا آپ پراور جو آپ سے پہلے اتارا گیا اور آخرت پر بھی وہ یقین رکھتے ہیں
(src)="s2.5"> اِھي ئي ( انھيءَ ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان ( ڏسيل ) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن .
(trg)="s2.5"> وہی لوگ اپنے رب کے راستہ پر ہیں اور وہی نجات پانے والے ہیں
(src)="s2.6"> بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي ( اي پيغمبر ! ) تنھنجو کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ( سو ) ھڪجھڙو آھي اِھي ايمان نه آڻيندا .
(trg)="s2.6"> بے شک جو لوگ انکار کر چکے ہیں برابر ہے انہیں تو ڈرائے یا نہ ڈرائے وہ ایمان نہیں لائیں گے
(src)="s2.7"> الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي ، ۽ سندن اکين تي ڇَوڙُ ( چڙھيل ) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي .
(trg)="s2.7"> الله نے ان کے دلوں اورکانوں پرمہر لگا دی ہے اور ان کی آنکھوں پر پردہ ہے اوران کے لیے بڑا عذا ب ہے
(src)="s2.8"> ۽ ماڻھن مان ڪي ( اھڙا ) آھن جي چوندا آھن ته الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نه آھن .
(trg)="s2.8"> اور کچھ ایسے بھی لوگ ہیں جو کہتے ہیں کہ ہم الله اور قیامت کے دن پر ایمان لائے حالانکہ وہ ایمان دار نہیں ہیں
(src)="s2.9"> الله ۽ مومنن کي دلبو ڏيندا آھن ، ۽ حالانڪ پاڻ کان سواءِ ( ٻئي ڪنھن کي ) دلبو نه ڏيندا آھن ۽ نه سمجھندا آھن .
(trg)="s2.9"> الله اور ایمان داروں کو دھوکا دیتے ہیں حالانکہ وہ اپنے آپ ہی کو دھوکہ دے رہے ہیں اور نہیں سمجھتے
(src)="s2.10"> سندن دلين ۾ ( منافقيءَ جي ) بيماري آھي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي ، ۽ انھيءَ ڪري جو ( ھو ) ڪُوڙ ڳالھائيندا آھن انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي .
(trg)="s2.10"> انکے دلوں میں بیماری ہے پھر الله نے ان کی بیماری بڑھا دی اور ان کے لیے دردناک عذاب ہے اس لیے کہ وہ جھوٹ بولتے تھے
(src)="s2.11"> ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته مُلڪ ۾ فساد نه وجھو ، چوندا آھن ته اسين سڌاريندڙ ئي آھيون .
(trg)="s2.11"> اور جب انہیں کہا جاتا ہے کہ ملک میں فساد نہ ڈالو تو کہتے ہیں کہ ہم ہی تو اصلاح کرنے والے ہیں
(src)="s2.12"> خبردار ! اِھي پاڻ فسادي آھن پر نه سمجھندا آھن .
(trg)="s2.12"> خبردار بے شک وہی لوگ فسادی ہیں لیکن نہیں سمجھتے
(src)="s2.13"> ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جھڙي طرح ٻـين ماڻھن ايمان آندو آھي ( تھڙي طرح اوھين به ) ايمان آڻيو ( تڏھن ) چوندا آھن ته جئن بي سمجھن ايمان آندو آھي تئن ايمان آڻيون ڇا ؟ خبردار ، اُھي ئي بي سمجھ آھن پر نه ڄاڻندا آھن .
(trg)="s2.13"> اور جب انہیں کہا جاتا ہے ایمان لاؤ جس طرح اور لوگ ایمان لائے ہیں تو کہتے ہیں کیا ہم ایمان لائیں جس طرح بے وقوف ایمان لائے ہیں خبردار وہی بے وقوف ہیں لیکن نہیں جانتے
(src)="s2.14"> ۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن ( تڏھن ) چوندا آھن ته اسان ايمان آندو آھي ، ۽ جڏھن پنھنجن شيطانن ( سردارن ) کي ھيڪلو ملندا آھن ( تڏھن ) چوندا آھن ته اسين ( پر ۾ ) اوھان سان آھيون اسين ( مؤمنن سان ) رڳو چٿر ڪندڙ آھيون .
(trg)="s2.14"> اور جب ایمانداروں سے ملتے ہیں تو کہتے ہیں کہ ہم ایمان لائے اور جب اپنے شیطانوں کے پاس اکیلے ہوتے ہیں تو کہتے ہیں ہم توتمہارے ساتھ ہیں ہم تو صرف ہنسی کرنے والے ہیں
(src)="s2.15"> الله ساڻن چٿر ڪندو آھي ۽ انھن کي پنھنجي سرڪشي ۾ ڊيگھ ڏيندو آھي جو عقل جا انڌا آھن .
(trg)="s2.15"> الله ان سے ہنسی کرتا ہے اور انہیں مہلت دیتا ہے کہ وہ اپنی گمراہی میں حیران رہیں
(src)="s2.16"> اِھي اُھي آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ڳڌي ، پوءِ سندن واپار کين فائدو نه ڏنو ۽ نڪي اُھي ھدايت وارا ٿيا .
(trg)="s2.16"> یہ وہ لوگ ہیں جنہوں نے ہدایت کے بدلے گمراہی خریدی سو ان کی تجارت نے نفع نہ دیا اور ہدایت پانے والے نہ ہوئے
(src)="s2.17"> سندن مثال انھيءَ جي مثال جھڙو آھي جنھن باھ ٻاري ، پوءِ جنھن مھل باھ پنھنجي آس پاس کي روشن ڪيو ( تنھن مھل ) الله سندن سوجھرو اجھايو ۽ کين اونداھيءَ ۾ ڇڏي ڏنائين جو نه ڏسن .
(trg)="s2.17"> ان کی مثال اس شخص کی سی ہے جس نے آگ جلائی پھر جب آگ نے اس کے آس پاس کو روشن کر دیا تو الله نے ان کی روشنی بجھا دی اور انہیں اندھیروں میں چھوڑا کہ کچھ نہیں دیکھتے
(src)="s2.18"> ( اُھي ) ٻوڙا ، گونگا ، انڌا آھن پوءِ اُھي نه موٽندا .
(trg)="s2.18"> بہرے گونگے اندھے ہیں سو وہ نہیں لوٹیں گے
(src)="s2.19"> يا ( سندن مثال اُنھي ) آسماني برسات ( وارن ) جھڙو آھي جنھن ۾ اونداھيون ۽ گوڙ ۽ وڄ ھجي ، اُھي پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪنن ۾ ، ڪڙڪن کان موت جي ڀَو ڪري وجھن ، ۽ الله ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي .
(trg)="s2.19"> یا جیسا کہ آسمان سے بارش ہو جس میں اندھیرے اور گرج اور بجلی ہو اپنی انگلیاں اپنے کانوں میں کڑک کے سبب سے موت کے ڈر سے دیتے ہوں اور الله کافروں کو گھیرے ہوئے ہے
(src)="s2.20"> وڄ سندن اکين ( جي سوجھري کي ) اُمالڪ کسڻ تي ھُجي ، جڏھن انھن لاءِ چمڪي ته منجھس ھلن ٿا ، ۽ جڏھن مٿن اوندھ ڪري تڏھن بيھي رھن ٿا ، ۽ جيڪڏھن الله گھري ته سندن اکيون ۽ سندن ڪن ضرور وڃائي ڇڏي ، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي .
(trg)="s2.20"> قریب ہے کہ بجلی ان کے آنکھیں اچک لے جب ان پر چمکتی ہے تو اس کی روشنی میں چلتے ہیں اور جب ان پر اندھیرا ہوتا ہے تو ٹھر جاتے ہیں اور اگر الله چاہے تو ان کے کان اور آنکھیں لے جائے بے شک الله ہر چیز پر قادر ہے
(src)="s2.21"> اي ماڻھؤ پنھنجي انھيءَ پالڻھار جي عبادت ڪريو جنھن اوھان کي ۽ جي اوھان کان اڳ هُئا تن کي پيدا ڪيوته مانَ اوھين ڊڄو .
(trg)="s2.21"> اے لوگو اپنے رب کی عبادت کرو جس نے تمہیں پیدا کیا اور انہیں جو تم سے پہلے تھے تاکہ تم پرہیزگار ہو جاؤ
(src)="s2.22"> جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ آسمان کي ڇت ، ۽ ( مينھن جو ) پاڻي آسمان کان وسايائين پوءِ اُن سان ( ھر جنس جي ) ميون منجھان اوھان لاءِ روزي پيدا ڪيائين ، پوءِ اوھين ڄاڻ ھوندي الله سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريو .
(trg)="s2.22"> جس نے تمہارے لیے زمین کو بچھونا اور آسمان کو چھت بنایا اور آسمان سے پانی اتارا پھر اس سے تمہارے کھانے کے لیے پھل نکالے سو کسی کو الله کا شریک نہ بناؤ حالانکہ تم جانتے بھی ہو
(src)="s2.23"> ۽ پنھنجي ٻانھي ( ﷴ ﷺ ) تي جيڪو ( قرآن ) لاٿوسون تنھن کان جيڪڏھن اوھين شڪ ۾ آھيوته جھڙيس ڪائي سُورة بڻائي آڻيو ، ۽ الله کان سواءِ پنھنجا مددگار ( به ) سڏيو جيڪڏھن سچا آھيو .
(trg)="s2.23"> اور اگر تمہیں اس چیز میں شک ہے جو ہم نے اپنے بندے پر نازل کی ہے تو ایک سورت اس جیسی لے آؤ اور الله کے سوا جس قدر تمہارے حمایتی ہوں بلا لو اگر تم سچے ہو
(src)="s2.24"> پوءِ جيڪڏھن نه ڪندؤ ، ۽ ڪري به ڪڏھن نه سگھندؤ ، ته انھيءَ باھ کان ڊڄو جنھن جو ٻل ماڻھو ۽ پھڻ آھن ، اُھا نه مڃيندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آھي .
(trg)="s2.24"> بھلا اگر ایسا نہ کر سکو اور ہرگز نہ کر سکو گے تو اس آگ سے بچو جس کا ایندھن آدمی اور پتھر ہیں جو کافرو ں کے لیے تیار کی گئی ہے
(src)="s2.25"> ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ھيءَ خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن ، جڏھن اُن مان ڪو به ميوو کاڄ لاءِ ڏنو پيو ويندن ( تنھن مھل ) پيا چوندا ته ھيءُ ( ميوو ) اُھو آھي جو اڳ اسان کي ڏنو ويو ھو ۽ اُھو ( شڪل ۾ ) ھڪ جھڙو ( پيو ) ڏبن ، ۽ انھن لاءِ منجھس پاڪ زالون آھن ۽ اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن .
(trg)="s2.25"> اوران لوگو ں کو خوشخبری دے جو ایمان لائے اور اچھے کام کیے کہ ان کے لیے باغ ہیں ان کے نیچے نہریں بہتی ہیں جب انہیں وہاں کا کوئي پھل کھانے کو ملے گا تو کہیں گے یہ تو وہی ہے جو ہمیں اس سے پہلے ملا تھا اور انہیں ہم شکل پھل دیئے جائیں گے اور ان کے لیے وہاں پاکیزہ عورتیں ہوں گی اوروہ وہیں ہمیشہ رہیں گے
(src)="s2.26"> الله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ جي مثال ڏيڻ کان حياء ئي نه ڪندوآھي ، پوءِ جن ايمان آندو آھي سي ( پڪ ) ڄاڻندا آھن ته اُھو سندن پالڻھار وٽان ( آيل ) سچ آھي ، ۽ جن انڪار ڪيو سي چوندا آھن ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي ؟ ( الله ) ان مثال ( ڏيڻ ) سببان گھڻن کي ڀلائيندو آھي ۽ ان سببان گھڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي ، اُن سان اھڙن بي دينن کانسواءِ ( ٻي ڪنھين کي ) نه ڀلائيندو آھي .
(trg)="s2.26"> بے شک الله نہیں شرماتا اس بات سے کہ کوئی مثال بیان کرے مچھر کی یا اس چیز کی جو اس سے بڑھ کر ہے سو جو لوگ مومن ہیں وہ اسے اپنے رب کی طرف سے صحیح جانتے ہیں اور جو کافر ہیں سو کہتے ہیں الله کا اس مثال سے کیا مطلب ہے الله اس مثال سے بہتوں کو گمراہ کرتا ہے اور بہتوں کو اس سے ہدایت کرتا ہے اوراس سے گمراہ تو بدکاروں ہی کو کیا کرتا ہے
(src)="s2.27"> جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڀڃندا آھن ، ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ مُلڪ ۾ فساد وجھندا آھن ، اُھي ئي ڇيئي وارا آھن .
(trg)="s2.27"> جو الله کے عہد کو پختہ کرنے کے بعد توڑتے ہیں اور جس کے جوڑنے کا الله نے حکم دیا ہے اسے توڑتے ہیں اور ملک میں فساد کرتے ہیں وہی لوگ نقصان اٹھانے والے ہیں
(src)="s2.28"> اوھين ھن ھوندي به الله کي ڪھڙي طرح نه ٿا مڃيو ؟ جو بي ساھا ھُيؤ پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيائين ، وري اوھان کي ماريندو ، وري اوھان کي جياريندو ۽ وري ڏانھس موٽايا ويندؤ .
(trg)="s2.28"> تم الله کا کیونکر انکار کرسکتے ہو حالانکہ تم بے جان تھے پھر تمہیں زندہ کیا پھر تمہیں مارے گا پھر تمہیں زندہ کرے گا پھر تم اسی کے پاس لوٹ کر جاؤ گے
(src)="s2.29"> اُھو ( الله ) آھي جنھن توھان ( جي فائدي ) لاءِ جيڪي مڙيئي ( شيون ) زمين ۾ آھن سي پيدا ڪيون ، وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين ، ۽ اُھو ( الله ) سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي .
(trg)="s2.29"> الله وہ ہے جس نے جو کچھ زمین میں ہے سب تمہارے لیے پیدا کیا ہےپھر آسمان کی طرف متوجہ ہوا تو انہیں سات آسمان بنایا اور وہ ہر چیز جانتا ہے
(src)="s2.30"> ۽ ( اي پيغمبر ) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مُقرر ڪرڻ وارو آھيان ، ( تڏھن ) چيائون ته ڇا منجھس اھڙي کي ٿو پيدا ڪرين جو منجھس فساد ڪندو ۽ ( ناحق ) رت ھاريندو ، ۽ اسين تنھنجي ساراہ سان ( تنھنجي ) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا ، فرمايائين ته جيڪي آءٌ ڄاڻندو آھيان سو توھان نٿا ڄاڻو .
(trg)="s2.30"> اور جب تیرے رب نے فرشتوں سے کہا میں زمین میں ایک نائب بنانے والا ہوں فرشتوں نے کہا کیا تو زمین میں ایسے شخص کو نائب بنانا چاہتا ہے جو فساد پھیلائے اور خون بہائے حالانکہ ہم تیری حمد کے ساتھ تسبیح بیان کرتے اور تیری پاکی بیان کرتے ہیں فرمایا میں جو کچھ جانتا ہوں وہ تم نہیں جانتے
(src)="s2.31"> ۽ ( الله ) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا وري اُھي شيون ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين ته جيڪڏھن سچا آھيو ته ھنن جا نالا ڏسيوم .
(trg)="s2.31"> اور الله نے آدم کو سب چیزوں کے نام سکھائے پھر ان سب چیزوں کو فرشتوں کے سامنے پیش کیا پھر فرمایا مجھے ان کے نام بتاؤ اگر تم سچے ہو
(src)="s2.32"> چيائون ته تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿيئي تنھن کانسواءِ اسان کي ( ٻي ) ڪا خبر نه آھي ، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين .
(trg)="s2.32"> انہوں نے کہا تو پاک ہے ہم تو اتنا ہی جانتے ہیں جتنا تو نے ہمیں بتایاہے بے شک تو بڑے علم والا حکمت والا ہے
(src)="s2.33"> ( الله ) چيو ته اي آدم انھن جا نالا کين ڏس ، پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين ( تڏھن الله ) چيو ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي پڌرو ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻندو آھيان .
(trg)="s2.33"> فرمایا اے آدم ان چیزو ں کے نام بتا دو پھر جب آدم نے انہیں ان کے نام بتا دیئے فرمایا کیا میں نے تمہیں نہیں کہا تھا کہ میں آسمانوں اور زمین کی چھپی ہوئی چیزیں جانتا ہوں اور جو تم ظاہر کرتے ہو اور جو چھپاتے ہو اسے بھی جانتا ہوں
(src)="s2.34"> ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران ( ٻـين ) سجدو ڪيو ، ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو .
(trg)="s2.34"> اورجب ہم نے فرشتوں سے کہا کہ آدم کو سجدہ کرو تو انہوں نے سجدہ کیا مگر ابلیس کہ اس نے انکار کیا اورتکبر کیا اورکافروں میں سے ہو گیا
(src)="s2.35"> ۽ چيوسون ته اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ ٽڪو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ، ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃجو نه ته ظالمن ( جي شمار ) مان ٿيندؤ .
(trg)="s2.35"> اور ہم نے کہا اے آدم تم اور تمہاری بیوی جنت میں جا کر رہو اور اس میں جو چاہو اور جہاں سےچاہو کھاؤ اور اس درخت کے نزدیک نہ جاؤ پھر ظالموں میں سے ہو جاؤ گے
(src)="s2.36"> پوءِ شيطان اُتاھون انھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن ( مزي ) ۾ ھئا تنھن مان کين ( ٻاھر ) ڪڍيائين ، ۽ چيوسون ته ( بھشت مان ) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو ، ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڪ جو ھنڌ ۽ ( گذران جو ) سامان ( ٺھرايل ) آھي .
(trg)="s2.36"> پھر شیطان نے ان کو وہاں سے ڈگمگایا پھر انہیں اس عزت و راحت سے نکالا کہ جس میں تھے اور ہم نے کہا تم سب اترو کہ تم ایک دوسرے کے دشمن ہو اور تمہارے لیے زمین میں ٹھکانا ہے اور سامان ایک وقت معین تک
(src)="s2.37"> پوءِ آدم پنھنجي پالڻھار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ ( الله ) سندس توبه قبول ڪئي ، بيشڪ اُھو ئي توبه قبوليندڙ مھربان آھي .
(trg)="s2.37"> پھر آدم نے اپنے رب سے چند کلمات حاصل کیے پھر اس کی توبہ قبول فرمائی بے شک وہ توبہ قبول کرنے والا مہربان ہے
(src)="s2.38"> چيوسين ته منجھانئس سڀ لھي ھيٺ وڃو ، پوءِ جڏھن مون وٽان اوھان وٽ ڪا ھدايت اچي تڏھن جيڪي منھنجي ھدايت تي ھلندا تن کي ڪو ڀؤ ڪونھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا .
(trg)="s2.38"> ہم نے کہا کہ تم سب یہاں سے نیچے اتر جاؤ پھر اگرتمہارے پاس میری طرف سے کوئی ہدایت آئے پس جو میری ہدایت پر چلیں گے ان پرنہ کچھ خوف ہوگا اور نہ وہ غمگین ہوں گے
(src)="s2.39"> ۽ جن نه مڃيو ۽ اسانجي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي دوزخي آھن ، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن .
(trg)="s2.39"> اور جو انکار کریں گے اور ہماری آیتوں کو جھٹلائیں گے وہی دوزخی ہو ں گے جو اس میں ہمیشہ رہی گے
(src)="s2.40"> اي يعقوب جي اولاد اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون توھان تي ڪيو ۽ منھنجو انجام پاڙيو ته آءٌ ( به ) اوھان جو انجام پاڙيان ۽ رڳو مون کان ڊپ رکو .
(trg)="s2.40"> اے بنی اسرائل میرے احسان یاد کرو جو میں نے تم پر کئے اور تم میرا عہد پورا کرو میں تمہارا عہد پورا کروں گا اور مجھ ہی سے ڈرا کرو
(src)="s2.41"> ۽ ( اي بني اسرائيل ) جيڪو اوھان وٽ آھي ( يعني توريت ) تنھن کي سچو ڪندڙ جيڪو ( قرآن ﷴ ﷺ تي ) لاٿم تنھنکي مڃيو ۽ ان جا پھريان منڪر نه ٿيو ، ۽ منھنجي آيتن کي ( دنيا جي ) ٿوري ملھ سان نه وڪڻو ، ۽ رڳو مون کا ڊڄو .
(trg)="s2.41"> اور اس کتاب پر ایمان لاؤ جو میں نے نازل کی تصدیق کرتی ہے اس کی جو تمہارے پاس ہے اور تم ہی سب سے پہلے اس کےمنکر نہ بنو اور میری آیتو ں کو تھوڑی قیمت پر نہ بیچو اور مجھ ہی سے ڈرو
(src)="s2.42"> ۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي اوھين ڄاڻ ھوندي به سچ لڪايو .
(trg)="s2.42"> اور سچ میں جھوٹ نہ ملاؤ اور جان بوجھ کر حق کو نہ چھپاؤ
(src)="s2.43"> ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪيو .
(trg)="s2.43"> اورنماز قائم کرو اوزکوةٰ دو اور رکوع کرنے والوں کے ساتھ رکوع کرو
(src)="s2.44"> ماڻھن کي چڱائيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي وساريو ٿا ؟ ھن ھوندي به جو توھين ڪتاب پڙھو ٿا ، پوءِ ڇو نه ٿا سمجھو ؟
(trg)="s2.44"> کیا لوگوں کو تم نیکی کا حکم کرتے ہو اور اپنے آپ کو بھول جاتے ہو حالانکہ تم کتاب پڑھتے ہو پھر کیوں نہیں سمجھتے
(src)="s2.45"> ۽ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو ، ۽ اُھا انھن آزي ڪندڙن کانسواءِ ٻـين کي ضرور ڏکي ( لڳندي ) آھي .
(trg)="s2.45"> اور صبر کرنے اور نماز پڑھنے سےمدد لیا کرو اوربے شک نماز مشکل ہے مگر ان پر جو عاجزی کرنے والے ہیں
(src)="s2.46"> جيڪي پڪ ڀائيندا آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن ۽ اُھي ڏانھس موٽڻ وارا آھن .
(trg)="s2.46"> جو یہ سمجھتے ہیں کہ ہمیں ضرور اپنے رب سے ملنا ہے اور ہمیں اس کے پاس لوٹ کر جانا ہے
(src)="s2.47"> اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان ( وارن ) تي سڳورو ڪيو .
(trg)="s2.47"> اے بنی اسرائیل میری ان نعمتوں کو یاد کرو جو میں نے تمہیں دی تھیں اور میں نے تمہیں جہان پر فضیلت دی تھی
(src)="s2.48"> ۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ ڪو ( به ) ڪنھين کان ڪجھ به ٽاري نه سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کانئس ڪو عِوض وٺبو نڪي کين مدد ڏبي .
(trg)="s2.48"> اوراس دن سے ڈرو جس دن کوئی شخص کسی کے کچھ بھی کام نہ آئے گا اور نہ ان کے لیے کوئی سفارش قبول ہو گی اورنہ اس کی طرف سے بدلہ لیا جائے گا اور نہ ان کی مدد کی جائے گی
(src)="s2.49"> ۽ ( ھي ڳڻ به ياد ڪريو ) ته جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جي اوھان کي ڏاڍو ايذاءُ چکائيندا ھئا ، جو اوھان جا پُٽ ڪھندا ھئا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا ، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي .
(trg)="s2.49"> اور جب ہم نے تمہیں فرعونیوں سے نجات دی و ہ تمہیں بری طرح عذاب دیا کرتے تھے تمہارے بیٹوں کو ذبح کرتے تھے اور تمہاری بیٹیوں کو زندہ رکھتے تھے اور اس میں تمہارے رب کی طرف سے تمہاری بڑی آزمائش تھی
(src)="s2.50"> ۽ ( ياد ڪريو ته ) جڏھن اوھان لاءِ سمنڊ کي چيريوسون پوءِ اوھان کي ( ٻڏڻ کان ) بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻھن کي ٻوڙيوسون ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ .
(trg)="s2.50"> اور جب ہم نے تمہارے لیے سمندر کو پھاڑ دیا پھر تمہیں تو بچا لیا اور تمہارے دیکھتے دیکھتے فرعوینوں کو ڈبو دیا
(src)="s2.51"> ۽ ( ياد ڪريو ته ) جڏھن موسىٰ کي چاليھن راتين جو انجام ڏنوسون وري ان ( جي وڃڻ ) کانپوءِ گابي کي ( خدا ڪري ) ورتؤ ۽ اوھين ظلم ڪندڙ ھيؤ .
(trg)="s2.51"> اورجب ہم نے موسیٰ سے چالیس رات کا وعدہ کیا پھر اس کے بعد تم نے بچھڑا بنا لیا حالانکہ تم ظالم تھے
(src)="s2.52"> وري اُن کان پوءِ اوھان کان ٽارو ڪيوسون ته مان اوھين شڪرانو ڪريو .
(trg)="s2.52"> پھر اس کے بعدبھی ہم نے تمہیں معاف کر دیا تاکہ تم شکر کرو
(src)="s2.53"> ۽ ( ياد ڪريو ته ) جڏھن موسىٰ کي ڪتاب ۽ ( سچ ۽ ڪوڙجي وچ ۾ ) سنڌو وجھندڙ ڏنوسين ته مان اوھين ھدايت وارا ٿيو .
(trg)="s2.53"> اورجب ہم نے موسیٰ کو کتاب اورقانون فیصل دیا تاکہ تم ہدایت پاؤ
(src)="s2.54"> ۽ ( ياد ڪريو ته ) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم اوھان گابي کي خُدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھنڪري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪُھو ، اھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي ، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين ، بيشڪ اُھو ئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي .
(trg)="s2.54"> اور جب موسیٰ نے اپنی قوم سے کہا اے میری قوم بے شک تم نے بچھڑا بنا کر اپنی جانوں پر ظلم کیا سو اپنے پیدا کرنے والے کے آگے توبہ کرو پھر اپنے آپ کو قتل کرو تمہارے لیے تمہارے خالق کے نزدیک یہی بہتر ہے پھر اس نے تمہاری توبہ قبول کر لی بے شک وہی بڑا توبہ قبول کرنے والا نہایت رحم والا ہے
(src)="s2.55"> ۽ ( ياد ڪريو ته ) جڏھن اوھان چيو ته اي موسىٰ جيستائين الله چٽو ( نه ) ڏسنداسون تيستائين توکي ڪڏھن به نه مڃينداسون پوءِ اوھان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ .
(trg)="s2.55"> اور جب تم نے کہا اے موسیٰ ہم ہرگز تیرا یقین نہیں کریں گے جب تک کہ روبرو الله کو دیکھ نہ لیں تب تمہیں بجلی نے دیکھتے ہی دیکھتے آ لیا
(src)="s2.56"> وري اوھان جي مرڻ کان پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيوسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو .
(trg)="s2.56"> پھر ہم نے تمہیں تمہاری موت کے بعد زندہ کر اٹھایا تاکہ تم شکر کرو
(src)="s2.57"> ۽ اوھان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي سون ۽ اوھان تي مَنّ ۽ سلوىٰ لاٿاسون ، ته جيڪي اوھان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسين سو کائو ، ۽ اسان تي ( ڪي ) ظلم نه ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا .
(trg)="s2.57"> اور ہم نے تم پر ابر کا سایہ کیا اور تم پر من اور سلویٰ اتارا جو کچھ ہم نے تمہیں پاکیزہ چیزیں عطا کی ہیں ان میں سے کھاؤ اور انہوں نے ہمارا کچھ نقصان نہ کیا بلکہ اپنا ہی نقصان کرتے رہے
(src)="s2.58"> ۽ جڏھن چيوسون ته ھِن ڳوٺ ۾ گھِڙو پوءِ منجھانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ۽ چئو ته اسان جا ڏوھ بخش ته اوھان جون مدايون اوھان کي بخشيون ، ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگھو وڌائينداسون .
(trg)="s2.58"> اور جب ہم نے کہا اس شہر میں داخل ہو جاؤ پھر اس میں جہاں سے چاہو بے تکلفی سے کھاؤ اور دروازہ میں سجدہ کرتے ہوئے داخل ہو اور کہتے جاؤ بخش دے تو ہم تمہارے قصور معاف کر دیں گے اور نیکی کرنے والوں کو زیادہ بھی دیں گے
(src)="s2.59"> پوءِ ظالمن جيڪي کين چيو ويو تنھن ڳالھ کي مٽائي ٻيو چيو پوءِ اُنھن ظالمن تي سندن بڇڙي ھجڻ سببان آسمان کان عذاب لاٿوسون .
(trg)="s2.59"> پھر ظالموں نے بدل ڈالا کلمہ سوائے اس کے جو انہیں کہا گیا تھا سو ہم نے ان ظالموں پر ان کی نافرمانی کی وجہ سے آسمان سے عذاب نازل کیا
(src)="s2.60"> ۽ ( ياد ڪر ته ) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ ، پوءِ منجھانئس ٻارھن واھيون ڦاٽي نڪتيون ، سڀڪنھن ماڻھو بيشڪ پنھنجو تڙ سُڃاتو ، ( چيوسون ته ) الله جي رزق مان کائو پيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو .
(trg)="s2.60"> پھر جب موسیٰ نے اپنی قوم کے لیے پانی مانگا تو ہم نے کہا اپنے عصا کو پتھر پر مار سو اس سے بارہ چشمے بہہ نکلے ہر قوم نے اپنا گھاٹ پہچان لیا الله کے دیئے ہوئے رزق میں سے کھاؤ پیو اور زمین میں فساد مچاتےنہ پھرو
(src)="s2.61"> ۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ ( دُعا ) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري ، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو ؟ ( جي نٿا رھو ته ) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ ( اُتي موجود ) آھي ، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا ، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون ، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا .
(trg)="s2.61"> اور جب تم نے کہا اے موسیٰ ہم ایک ہی طرح کے کھانے پر ہرگز صبر نہ کریں گے سو ہمارے لیے اپنے رب سے دعا مانگ کہ وہ ہمارے لیے زمین کی پیداوار میں سے ساگ اور ککڑی اور گیہوں اور مسور اور پیاز پیدا کر دے کہا کیا تم اس چیز کو لینا چاہتے ہو جو ادنیٰ ہے بدلہ اس کے جو بہتر ہے کسی شہر میں اُترو بے شک جو تم مانگتے ہو تمہیں ملے گا اور ان پر ذلت اور محتاجی ڈال دی گئی اور انہوں نے غضب الہیٰ کمایا یہ اس لیے کہ وہ الله کی نشانیوں کا انکار کرتے تھے اور نبیوں کو ناحق قتل کرتے تھے یہ اس لیے کہ نافرمان تھے اور حد سے بڑھ جاتے تھے
(src)="s2.62"> مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي ، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا .
(trg)="s2.62"> جو کوئی مسلمان اور یہودی اور نصرانی اورصابئی الله اور قیامت کے دن پر ایمان لائے اور اچھے کام بھی کرے تو ان کا اجر ان کے رب کے ہاں موجود ہے اور ان پر نہ کچھ خوف ہو گا اور نہ وہ غمگین ہوں گے
(src)="s2.63"> ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسين ۽ اوھان جي مٿان ( جبل ) طور کي کڙو ڪيوسون ، ( تڏھن چيوسون ته ) جيڪو ( توريت ) اوھانکي ڏنوسون سوگھو وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪريو مانَ اوھين ڊڄو .
(trg)="s2.63"> اور جب ہم نے تم سے عہد لیا اور تم پر کوہِ طور بلند کیا جو کچھ ہم نے تمہیں دیا ہے اسے مضبوط پکڑو اور جو کچھ اس میں ہے اسے یاد رکھو تاکہ تم پرہیزگار ہو جاؤ
(src)="s2.64"> وري اُن کانپوءِ اوھين ڦريؤ ، پوءِ جڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ٿئي ھا ته اوھين ضرور ڇيئي وارن مان ٿيو ھا .
(trg)="s2.64"> پھر تم اس کے بعد پھر گئے سو اگر تم پر الله کا فضل اور اس کی رحمت نہ ہوتی تو تم تباہ ہوجاتے
(src)="s2.65"> ۽ انھن کي بيشڪ ڄاتو اٿو جي اوھان مان ڇنڇر بابت حد کان لنگھيا پوءِ کين چيوسين ته خوار ڀولڙا ٿيو .
(trg)="s2.65"> اور بے شک تمہیں وہ لوگ بھی معلوم ہیں جنہوں نے تم میں سے ہفتہ کے دن زیادتی کی تھی پھر ہم نے ان سے کہا تم ذلیل بندر ہو جاؤ
(src)="s2.66"> پوءِ اُن ( قصّه ) کي اُن ڳوٺ جي آس پاس وارن ۽ اُنھن جي پوين لاءِ عبرت ۽ خُدا ترسن لاءِ نصيحت ڪئي سون .
(trg)="s2.66"> پھر ہم نے اس واقعہ کو اس زمانہ کے لوگوں کے لیے اور ان سے پچھلوں کے لیے عبرت اور پرہیز گاروں کے لیے نصیحت بنا دیا
(src)="s2.67"> ۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو ، ( تڏھن ) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا ؟ ( موسىٰ ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو .
(trg)="s2.67"> اور جب موسیٰ نے اپنی قوم سے کہا کہ الله تمہیں حکم دیتا ہے کہ ایک گائے ذبح کرو انہوں نے کہا کیا تم ہم سے ہنسی کرتا ہے کہا میں الله کی پناہ مانگتا ہوں اس سے کہ جاہلوں میں سے ہوں
(src)="s2.68"> چيائون ته اسان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا ( ڳـئون ) ڪھڙي ( قسم جي ) آھي ، ( موسىٰ ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون نڪي پوڙھي ۽ نڪي جوان آھي ، اِنھي وچ ۾ وچٿري آھي ، پوءِ جيڪي اوھان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو .
(trg)="s2.68"> انہوں نے کہا ہمارے لیے اپنے رب سے دعا کر ہمیں بتائے کہ وہ گائے کیسی ہے کہا وہ فرماتا ہے کہ وہ ایک ایسی گائے ہے نہ بوڑھی اور نہ بچہ اس کے درمیان ہے پس کر ڈالو جو تمہیں حکم دیا جاتا ہے
(src)="s2.69"> چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گُھرته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪھڙو آھي ، ( موسىٰ ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون ھيڊي ڪڪڙي آھي سندس رنگ ڳوڙھو ھيڊو آھي ڏسندڙن کي سُرھائي ڏيندي آھي .
(trg)="s2.69"> انہوں نے کہا ہمارے لیے اپنے رب سے دعا کر کہ ہمیں بتائے اس کا رنگ کیسا ہےکہاوہ فرماتا ہے کہ وہ ایک زرد گائے ہے اس کا رنگ خوب گہراہے دیکھنے والوں کو بھلی معلوم ہوتی ہے
(src)="s2.70"> چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا ( ڳـئون ) ڪھڙي ( پارين ) آھي ڇوته ڳـئون اسان وٽ ( پاڻ جھڙين ۾ ) گڏيل آھي ، ۽ جيڪڏھن الله گھريو ته اسين ضرور لھنداسين .
(trg)="s2.70"> انہوں نے کہا ہمارے لیے اپنے رب سے دعا کر ہمیں بتائے کہ وہ کس قسم کی ہے کیوں کہ وہ گائے ہم پر مشتبہ ہو گئی ہے اور ہم اگر الله نے چاہا تو ضرور پتہ لگا لیں گے
(src)="s2.71"> ( موسىٰ ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا اھڙي ڳـئون آھي ( جو ) نڪي وھو آھي جو ھر کيڙي ۽ نڪي پوک پياري ، اڻ وڍ آھي منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي ، چيائون ته ھاڻي تو پورو پار آندو ، پوءِ اُن کي ڪُٺائون ۽ ( انھي ڪم ) ڪرڻ تي نه ھوا .
(trg)="s2.71"> کہا و ہ فرماتا ہے کہ وہ ایک ایسی گائے ہے محنت کرنے والی نہیں جو زمین کو جوتتی ہو یا کھیتی کو پانی دیتی ہو بے عیب ہے اس میں کوئي داغ نہیں انہوں نے کہا اب تو نے ٹھیک بات بتائی پھر انہوں نے اسے ذبح کر دیا اور وہ کرنے والے تو نہیں تھے
(src)="s2.72"> ۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏھن ان ( جي ماريندڙ ) بابت تڪرار ڪيوَ ، ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي .
(trg)="s2.72"> اور جب تم ایک شخص قتل کر کے اس میں جھگڑنے لگے اور الله ظاہر کرنے والا تھا اس چیز کو جسے تم چھپاتے تھے
(src)="s2.73"> پوءِ چيوسين ته سندس ( گوشت جو ) ڪُجھ ڀاڱو اُن ( مئل ) کي ھڻو ، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو .
(trg)="s2.73"> پھر ہم نے کہا اس مردہ پر اس گائے کا ایک ٹکڑا مارو اسی طرح الله مردوں کو زندہ کرے گا اور تمہیں اپنی قدرت کی نشانیاں دکھاتا ہے تاکہ تم سمجھو
(src)="s2.74"> وري ان کانپوءِ اوھان جون دليون ڏاڍيون ٿيون پوءِ پھڻ وانگر بلڪ ڏاڍيون سخت آھن ، ۽ پھڻن مان ڪي اھڙا ( به ) آھن جو منجھائن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن ، ۽ منجھائن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي ، ۽ منجھائس ڪو الله جي ڀؤ کان ڪرندو آھي ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي .
(trg)="s2.74"> پھر ا سکے بعد تمہارے دل سخت ہو گئے گویا کہ وہ پتھر ہیں یا ان سے بھی زیادہ سخت اور بعض پتھر تو ایسے بھی ہیں جن سے نہریں پھوٹ کر نکلتی ہیں اور بعض ایسے بھی ہیں جو پھٹتے ہیں پھر ان سے پانی نکلتا ہے اور بعض ایسے بھی ہیں جو الله کے ڈر سے گر پڑتے ہیں اور الله تمہارے کاموں سے بے خبر نہیں
(src)="s2.75"> ( اي مسلمانؤ ! اوھين يھودين ۾ ) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھِن ھوندي به اڃان آسرو رکو ٿا ڇا ؟ جو بيشڪ منجھائن ھڪ ٽولي اِھڙي آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري ان جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي ان کي مٽائيندا آھن .
(trg)="s2.75"> کیا تمہیں امید ہے کہ یہود تمہارے کہنے پر ایمان لے آئیں گے حالانکہ ان میں ایک ایسا گروہ بھی گزرا ہے جو الله کا کلام سنتا تھا پھر اسے سمجھنے کے بعد جان بوجھ کر بدل ڈالتا تھا
(src)="s2.76"> ۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن ته مڃيوسين ، ۽ جڏھن ھڪ ٻئي کي ھيڪلو ملندا آھن ( تڏھن پاڻ ۾ ) چوندا آھن ته جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو ته اِن سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن ، اوھين ڇونه سمجھندا آھيو ؟
(trg)="s2.76"> اور جب وہ ان لوگوں سے ملتے ہیں جو ایمان لاچکے ہیں تو کہتے ہیں ہم بھی ایمان لے آئےہیں اور جب وہ ایک دوسرے کے پاس علیحدٰہ ہوتے ہیں تو کہتے ہیں کیا تم انہیں وہ راز بتا دیتےہو جو الله نے تم پر کھولے ہیں تاکہ وہ اس سے تمہیں تمہارے رب کے روبرو الزام دیں کیا تم نہیں سمجھتے
(src)="s2.77"> نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو الله ڄاڻندو آھي .
(trg)="s2.77"> کیا وہ نہیں جانتے کہ الله جانتا ہے جو وہ چھپاتے ہیں اور جو وہ ظاہر کرتے ہیں
(src)="s2.78"> ۽ منجھائن ڪي اڻ پڙھيا آھن جي ڪوڙن خيالن کانسواءِ ڪتاب کي نه ڄاڻندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھلندا آھن .
(trg)="s2.78"> اور بعض ان میں سے ان پڑھ ہیں جو کتاب نہیں جانتے سوائے جھوٹی آرزوؤں کے اور وہ محض اٹکل پچو باتیں بناتے ہیں
(src)="s2.79"> پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي جيڪي پنھنجو ھٿراڌو ڪتاب لکندا آھن ، موٽي ( ماڻھن کي ) چوندا آھن ته ھيءُ الله وٽان ( آيو ) آھي ھِن لاءِ ته ان سان ( دنيا جو ) ٿورو ملھ وٺن ، پوءِ جيڪي سندن ھٿن لکيو تنھن سببان انھن لاءِ خرابي آھي ۽ جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن سببان ( پڻ ) انھن لاءِ خرابي آھي .
(trg)="s2.79"> سو افسوس ہے ان لوگوں پر جو اپنے ہاتھوں سے لکھتے ہیں پھر کہتے ہیں کہ یہ الله کی طرف سے ہے تاکہ اس سے کچھ روپیہ کمائیں پھر افسوس ہے ان کے ہاتھوں کے لکھنے پر اور افسوس ہے ان کی کمائی ہر
(src)="s2.80"> ۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي . اي ( پيغمبرکين ) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا ؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو ( ڪوڙ ) ڳالھائيندا آھيو .
(trg)="s2.80"> اور کہتے ہیں ہمیں سوائے چند گنتی کے دنوں کے آگ نہیں چھوٹے گی کہہ دو کیا تم نے الله سے کوئی عہدلےلیا ہے کہ ہر گز الله اپنے عہد کا خلاف نہیں کرے گا یا تم الله پر وہ باتیں کہتے ہو جو تم نہیں جانتے
(src)="s2.81"> ھائو جن مدائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي وئي سي دوزخي آھن ، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن .
(trg)="s2.81"> ہاں جس نے کوئی گناہ کیا اور اسے اس کے گناہ نے گھیر لیا سو وہی دوزخی ہیں وہ اس میں ہمیشہ رہیں گے
(src)="s2.82"> ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن ، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن .
(trg)="s2.82"> اور جو لوگ ایمان لائے اور نیک کام کئے وہی بہشتی ہیں وہ اس میں ہمیشہ رہیں گے
(src)="s2.83"> ۽ جڏھن بني اسرائيلن کان انجام ورتوسين ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ، ۽ ماءُ پيءُ ۽ مِٽن ۽ ڇورن ( ٻارن ) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻھن سان مِٺو ڳالھايو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ، وري اوھان منجھان ٿورن کانسواءِ ( سڀ ) ڦِري ويؤ ۽ اوھين منھن موڙيندا ھيؤ .
(trg)="s2.83"> اور جب ہم نے بنی اسرائیل سے عہد لیا کہ الله کے سوا کسی کی عبادت نہ کرنا اور ماں باپ اور رشتہ داروں اور یتیموں اور محتاجوں سے اچھا سلوک کرنا اور لوگوں سے اچھی بات کہنا اور نماز قائم کرنا اور زکوةٰ دینا پھر سوائے چند آدمیوں کے تم میں سے سب منہ موڑ کر پھر گئے
(src)="s2.84"> ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ته پنھنجا خون نه ڪندؤ ۽ نڪي پنھنجي قوم کي پنھنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ باسيوَ ۽ ( ان جا ) اوھين گواھ آھيو .
(trg)="s2.84"> اور جب ہم نے تم سے عہد لیا کہ آپس میں خونریزی نہ کرنا اور نہ اپنے لوگوں کو جلا وطن کرنا پھر تم نے اقرار کیا اور تم خود گواہ ہو
(src)="s2.85"> ( تنھن کان ) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجي قوم کي ڪُھو ٿا ۽ پنھنجي قوم مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاء ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ ( پاڻ ۾ ) ھڪ ٻئي کي مدد ڏئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا ، ۽ جيڪڏھن ( ڪي ) باندي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن ته چَٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو ھن ھوندي جو اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي ، پوءِ ڇاکون ڪي ( حڪم ) ڪتاب ( توريت ) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نه مڃيندا آھيو ؟ پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کانسواءِ ڪانه آھي ، ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي .
(trg)="s2.85"> پھر تم ہی وہ ہو کہ اپنے لوگوں کو قتل کرتے ہو اور ایک جماعت کو اپنے میں سے ان کے گھروں میں سے نکالتے ہو ان پر گناہ اور ظلم سے چڑھائی کرتے ہو اور اگر وہ تمہارے پاس قیدی ہو کر آئیں تو ان کا تاوان دیتے ہو حالانکہ تم پر ان کا نکالنا بھی حرام تھا کیا تم کتاب کے ایک حصہ پرایمان رکھتے ہو اور دوسرے حصہ کا انکار کرتے ہو پھرجو تم میں سے ایسا کرے اس کی یہی سزا ہے کہ دنیا میں ذلیل ہو اور قیامت کے دن بھی سخت عذاب میں دھکیلے جائیں اور الله اس سے بے خبر نہیں جو تم کرتے ہو
(src)="s2.86"> اِھي اُھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي ڳڌي ، پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي .
(trg)="s2.86"> یہی وہ لوگ ہیں جنہوں نے دنیا کی زندگی کو آخرت کے بدلہ خریدا سو ان سے عذاب ہلکانہ کیا جائے گا اور نہ انہیں کوئی مدد مل سکے گی
(src)="s2.87"> ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ( توريت ) ڏنوسون ۽ اُن کان پوءِ ( ٻيا ) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون ، ۽ عيسىٰ پٽ مريم کي پڌرا مُعجزا ڏناسون ۽ کين پاڪ روح سان مدد ڏني سون ، پوءِ جڏھن به ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حُڪم آندا ٿي جن کي اوھان جي دلين نٿي گھريو تڏھن اوھان ( ان جي مڃڻ کان ) وڏائي ڪئي ، پوءِ ( پيغمبرن جي ) ھڪ ٽولي کي ڪُوڙو ڄاتوَ ، ۽ ٻئي کي ڪُٺَوَ .
(trg)="s2.87"> اور بے شک ہم نے موسیٰ کو کتاب دی اور اس کے بعد بھی پے در پے رسول بھیجتے رہے اور ہم نے عیسیٰ مریم کے بیٹے کو نشانیاں دیں اور روح لقدس سے اس کی تائید کی کیا جب تمہارے پاس کوئی وہ حکم لایا جسے تمہارے دل نہیں چاہتے تھے تو تم اکڑ بیٹھے پھر ایک جماعت کو تم نے جھٹلایا اور ایک جماعت کو قتل کیا
(src)="s2.88"> ۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ڍڪيل آھن ، ( نه ) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورا ايمان آڻيندا .
(trg)="s2.88"> اور کہتے ہیں ہمارے دلوں پر غلاف ہیں بلکہ الله نے ان کے کفر کے سبب سے لعنت کی ہے سو بہت ہی کم ایمان لاتے ہیں
(src)="s2.89"> ۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب ( قرآن ) انھي ( توريت ) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ ( ھن کان ) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون ( دعائون ) گھرندا ھئا ، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون ، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي .
(trg)="s2.89"> اور جب ان کے پاس اللہ کی طرف سے کتاب آئی جو تصدیق کرتی ہے اس کی جو ان کے پاس ہے اور اس سے پہلے وہ کفار پر فتح مانگا کرتے تھے پھر جب ان کے پاس وہ چیز آئی جسے انہوں نے پہچان لیا تو اس کا انکارکیاسوکافروں پر الله کی لعنت ہے
(src)="s2.90"> اُھو بڇڙو ( سودو ) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله ( ﷴ ﷺ تي ) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن ( ڳالھ ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي ، پوءِ ( الله جي ) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا ، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي .
(trg)="s2.90"> انہوں نے اپنی جانوں کو بہت ہی بری چیز کے لیے بیچ ڈالا یہ کہ الله کی نازل کی ہوئی چیزوں کا اس ضد میں آ کر انکار کرنے لگے کہ وہ پنے فضل کو اپنے بندوں میں سے جس پر چاہتا ہے کیوں نازل کر دیتا ہے سوغضب پر غضب میں آ گئے اور کافروں کے لیے ذلت کا عذاب ہے
(src)="s2.91"> ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو ( قرآن ) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو ( توريت ) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن ، ۽ ( حقيقت ڪري ) اھو ( قرآن ) سچو آھي جيڪو ( توريت ) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ ( به ) آھي ، ( اي پيغمبر ) چؤ ته جيڪڏھن ( توريت جا ) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ .
(trg)="s2.91"> اورجب ان سے کہا جاتا ہے کہ اس پر ایمان لاؤ جو الله نے نازل کیا ہے تو کہتے ہیں ہم تو اسی کو مانتے ہیں جو ہم پر اترا ہے اور اسے نہیں مانتے ہیں جو اس کے سوا ہے حالانکہ وہ حق ہے اور تصدیق کرنے والی ہے جو ان کے پاس ہے کہہ دو پھر تم کیوں اس سے پہلے الله کے نبیوں کو قتل کرتے رہے اگر تم مومن تھے
(src)="s2.92"> بيشڪ مُوسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي ( خدا ڪري ) ورتوَ ۽ اوھين ظالم آھيو .
(trg)="s2.92"> اور تمہارے پاس موسیٰ صریح معجزے لے کر آیا پھر تم نے اس کے بعد بچھڑے کو بنالیا اور تم ظالم تھے
(src)="s2.93"> ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طُور ( جبل ) کڙو ڪيوسون ، ( چيوسون ته ) جيڪو اوھان کي ڏنوسون ( يعني توريت ) سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو ، تڏھن چيائون ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون ، ۽ انھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي وئي ، ( اي پيغمبر کين ) چؤ ته اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي جيڪڏھن اوھين ( توريت ) جا مڃيندڙ آھيو .
(trg)="s2.93"> اور جب ہم نے تم سے عہد لیا اور تم پر کوہِ طورکو اٹھایا کہ جو ہم نے تمہیں دیا ہے اسے مضبوطی سے پکڑو اور سنو انہوں نے کہا ہم نے سن لیا اور مانیں گے نہیں اور ان کے دلوں میں کفر کی وجہ سے بچھڑے کی محبت رچ گئی تھی کہہ دو اگر تم ایمان دار ہو تو تمہارا ایمان تمہیں بہت ہی برا حکم دے رہا ہے